دَل 1

دَل 1(ذات): ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا جي مصنف محترم خير محمد ٻرڙي جي لکڻ موجب هي سميجن ۽ سارين مان آهن. هي انڙن سان به واسطو رکن ٿا. نامور محقق ايس صادق عليءَ دلن کي ٿيٻي جو اولاد ڄاڻايو آهي. ’ڪاڪا‘ ذات وارن ۾ به دل آهن. هنن جي نڇ ملاحن سان لڳي ٿي. هي لاکي جي اولاد مان آهن. هن ذات وارا ٺٽي، ٿرپارڪر، بدين، شڪارپور، سکر ۽ ٻين ضلعن ۾ جام رهن ٿا.
دل ذات جي خاص پاڙن ۾: اگهم، باقر، بنديپوٽا، جنجهه، جوڻيجا، دائيداڻا، راڄيپوٽا، رماڻي، ڦل، لالاڻي، هنڊڙا، رمداڻ، لاکا، نصيراڻي، سڌايا، ڪاڇيلا، ٿيٻا وغيره. سنڌ جو ناليوارو شاعر اياز گل، مشهور صحافي سردار لطف علي، صحافي اقبال دل ۽ سماجي اڳواڻ حاجي محمد دل (مٺي) به هن ذات سان تعلق رکن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو